سڪندر عباسي

سڪندر عباسي

سڪندر عباسي

سڪندر عباسي: مشهور ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار، ڊرامه نويس ۽ ترجمي نگار سڪندر عباسيءَ جو جنم 13 جنوري 1974ع تي لاڙڪاڻي ۾ محمد رمضان عباسيءَ جي گھر ۾ ٿيو. سندس تعليم ماسٽرس آهي. هن 1993ع ۾ هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت سان ادبي دنيا ۾ پير پاتو. سندس ڪيتريون ڪهاڻيون ۽ ڪالم روزاني ڪاوش سميت مختلف اخبارن ۾ شايع ٿي چڪا آهن، جڏهن ته سندس 75 سولو پلي ڊراما، 13 مني سيريل، 10 سيريل ۽ ٽي سوپ سيريل مختلف سنڌي چئنلن تي نشر ٿي چڪا آهن.
هن جي مشهور سنڌي ڊرامن ۾ زندگي واريءَ جون واٽون، خالي آسمان، خواب نگر، انڌاري، سانورا گلاب دل جا، جڏهن ته اردو ٽي. وي ڊرامـن ۾: ’ميـرا ساجـن ميرا سسرال‘، ’رشڪ‘، ’ناياب نسخه‘، ’ڇوٽـِي مان‘، ’هتڪ‘، ’نگيني‘، ’ايڪ ٿي عورت‘ وغيره قابل ذڪر آهن.
سڪندر عباسي 1992ع ۾ انڪم ٽئڪس ڊپارٽمينٽ ۾ ملازم طور ڀرتي ٿيو، جتي اڄ تائين پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي.
سڪندر عباسي 2009ع کان ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪمپيئر آهي. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾ پيار جو پهريون نظم (ڪهاڻيون)، ڪوجھي چنڊ جو غم (ڪهاڻيون)، محبت ئي خدا آهي (ترجمو) قابل ذڪر آهن.
کيس مڃتا طور 2005ع ۾ ڪي. ٽي. اين طرفان بهترين ڊرامانگار جو اوارڊ، امر جليل اوارڊ، ڊاڪٽر تنوير عباسي اوارڊ سميت ٻيا ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن. هيءُ هن وقت لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1974.01.13  عيسوي

مشهور ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار، ڊرامه نويس ۽ ترجمي نگار سڪندر عباسيءَ جو جنم 13 جنوري 1974ع تي لاڙڪاڻي ۾ محمد رمضان عباسيءَ جي گھر ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عزيز جعفراڻي
مير مرتضيٰ ڀٽو
راجا پٿوراءِ
قاضي سيف الدين
امرت خان
انور سومرو 2
ڊيوڊراس
ٽوبياس مائيڪل ڪارل ايسر
شبانه سنڌي
پٺاڻ درمحمد ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون